ڀٽا 2

ڀٽا 2: هن نالي سان تعلقي شھدادڪوٽ جي ديهه ۾ ڀٽن جا ست ڳوٺ آباد آھن. رتيديري جي ”ڀٽا“ ديهه ۾ پنج ڳوٺ آباد آھن. ان کان سواءِ تعلقي ننگرپارڪر جي ديهه ’کاروڙي‘ ۾ ”ڀٽا“ ڳوٺ آباد آھي، جنھن جي 1000 کان وڌيڪ آبادي آهي. ھتي پرائمري اسڪول موجود آھي.
تعلقي رتي ديري ۾ هڪ ديهه جو نالو به ’ڀُٽا‘ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: عزت جي وانڊ، شيخ شڪاري، اسماعيل ککراڻي، شيخ ۽ جوڻيجا ۽ ڳوٺ مصري ککراڻي.
تعلقي شهداد ڪوٽ ۾ هڪ ديهه جو نالو به ڀٽا آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ڪمال کوکر، محمد خان ڀٽو، هاشم ڀٽي، موج علي بروهي، اعتبار بروهي، حاجي چنيسر بروهي ۽ محمد حسن بروهي. ائين سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ڀٽا آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو